سنڌ دشمن رٿائن خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي: عبدالخالق جوڻيجو

ميرپورخاص(بيورو)جيئي سنڌ محاذ پاران روپلي ڪولھي جي 161 ھين ورسي پارٽي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جي صدارت ھيٺ ميرپورخاص  جي ڳوٺ طيب عمراڻي ۾ ملھائي وئي. پروگرام کي صدارتي خطاب ڪندي عبدالخالق جوڻيجي چيو ته ”سياست عبادت آھي پر سياست جڏھن روپلو ڪولھي ۽ جي ايم سيد ڪندا ھئا ته اھا واقعي عبادت جي برابر ھوندي ھئي، هن چيو ته اڄ وري ڪراچيءَ تي قبضي جون ڪوششون ٿين پيون ڪراچي تي قبضي جو مطلب آھي سنڌ تي قبضو. ڪنھن به ملڪ جي گادي واري ھنڌ تي قبضي کان پوءِ ئي سڄي ملڪ تي قبضو مڪمل ٿيندو آھي. سنڌ جي زمينن تي مختلف نالن ۽ اسڪيمن ذريعي قبضو جاري آھي. ڪڏھن بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جي رھائشي منصوبن جي نالي ۾ ته ڪڏھن سامونڊي ٻيٽن تي ترقي جي آڙ ۾ قبضي جا منصوبا ٺاھيا پيا وڃن.  اسان کي انھن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي، ورسي کي عوامي جمھوري پارٽي (انٽل ايڪچوئل فورم) جي مرڪزي اڳواڻ امان الله شيخ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ڏسڻ کپي ته اڄ ايڪھين صدي ۾ روپلو ڪولھي ڇا ٿو چئي، روپلي نالي وارا ته گھڻا ئي ماڻھو ھوندا پر اڄ انھن کي ڪير به ياد ڪرڻ وارو ناھي پر روپلو ڪولھي پنھنجي وطن جي لاءِ وڙھيو تڏھن اسان ان کي ياد ڪري رھيا آھيون،ورسي کي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ظھور لغاري، ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر تاج بلوچ، سارنگ سنڌي، ڊاڪٽر صديق مري، پي ايم اي ميرپور خاص جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر افضل لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.