ڪراچي ۾جتي به پاڻي جي کوٽ آهي،ختم ڪئي وڃي: چيف جسٽس

. ڪراچي(رپورٽر ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ايم ڊي واٽر بورڊ کي حڪم ڏنو آهي ته شهر جي جنهن علائقي ۾ پاڻي جي  کوٽ آهي ان کي فوري طور حل ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ، ڊي ايڇ اي، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي ڇنڊ پٽيندي حڪم ڏنو ته ڊي ايڇ اي سميت سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪنٽونمينٽ انتظاميا اعليٰ عدليه جي ججن جي گهرن لاءِ خاص لائنون وڇائڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو اسان جي گهرن کي پاڻي نه گهرجي، شهر اندر جتي جتي پاڻي جي کوٽ آهي ان کي ختم ڪيو وڃي، ۽ سپريم ڪورٽ جي اڏاوت هيٺ عمارت لاءِ سيوريج لائن جو مسئلو به فوري طور حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.