تنگواڻي جي عدالتي احاطتي ۾ قيدي گوليون هڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي سول ڪورٽ ۾ پيشي تي آندل قيدي کي هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، خبرموجب تنگواڻي سول ڪورٽ جي احاطي ۾  پوليس تحويل اندر ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ آندل قيدي مولا بخش عرف نادر چولياڻي هٿياربند جوابدار گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس هڪ جوابدار ولايت چولياڻي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ولايت چولياڻي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته ُهن جي ڀاءُ پرائمري استاد بشير احمّد چولياڻي جي قتل جي پلاند ۾ قتل ڪيو آهي، هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور امجد احمّد شيخ نوٽيس وٺندي اي ايس آء انچارج سانول ڏاهاڻي، ايڇ سي رشيد احمّد سميت 6 اهلڪارن کي معطل ڪندي لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن وارثن پاران لاش ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي لاڙو اسٽاپ وٽ رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.وارثن احتجاج ڪندي چيو ته پوليس جي هوندي ڪورٽ اندر نوجوان کي قتل ڪيو ويو هنن چيو ته گذريل 7 سالن جي جهيڙي دوران به ڪنهن ضلعي انتظاميا معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش ته نه  ڪئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، مقتول مولا بخش عرف نادر چولياڻي کي  پوليس پاران شڪارپور جيل مان قيدين الاهي بخش چولياڻي، نور خان چولياڻي، مير خان ۽ کي  اڳ ۾ قتل ڪيل بشير چولياڻي جي قتل ڪيس ۾ پيشي لاءلاءِ ڪورٽ ۾ آندو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.