لاڙڪاڻي ۾ اي ايس آءِ جو وردي ڦاڙڻ ڊرامو قرار، ڪارروائي جي سفارش

سکر(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ اي ايس آءِ اصغر مغيري جي تذليل وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو. جاچ آفيسر غلام علي جماڻي  ستن صفحن تي ٻڌل انڪوائري رپورٽ اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل حوالي ڪندي اي ايس آءِ کي وردي ڦاڙڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جاچ آفيسر رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته  26 سيپٽمبر تي اي ايس آءِ اصغر مغيري ٻن اهلڪارن سان گڏ چيڪنگ دوران ڪاغذ نه هجڻ تي موٽر سائيڪل سوار الطاف عمراڻي کي روڪيو هو، سپاف اڳواڻ ذوالفقار جکراڻي ٿاڻي تي ساڻس منهن ماري ڪئي ۽ ايس ايڇ او عبدالوهاب مسڻ لاپرواهي ۽ نااهلي جو مظاهرو ڪيو آهي. رپورٽ موجب اي ايس آءِ اصغر مغيري ٻئي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي پاڻ وردي ڦاڙي آهي، ذوالفقار جکراڻي ويهه هزار روپين جو اي ايس آءِ اصغر مغيري تي ڪوڙو الزام هنيو آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش واقعي وارا ٻئي ڏينهن موڪل تي هو، اي ايس آءِ بدلي ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هنيو آهي. جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايڇ او عبدالوهاب مسڻ نوڪري تان برطرف آهي ۽ ذوالفقار جکراڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، جاچ آفيسر اي آءِ جي سکر کي اي ايس آءِ اصغر مغيري مٿان ڊپارٽمينٽل ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.