مزاحمت نه ڪئي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضو ٿي ويندو: عبدالمالڪ بلوچ

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته ٻيٽن تي قبضي خلاف مزاحمت نه ڪئي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضو ٿي ويندو

ڪراچي پريس ڪلب ۾ مير حاصل بزنجو جي جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عبدالمالڪ بلوچ، يوسف مستي خان، شاهه محمد شاهه، مجاهد بريلوي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو ته بلوچستان کي به انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي خلاف مزاحمت ڪنداسين ..

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي يوسف مستي خان چيو ته حاصل بزنجو پارليامينٽ ذريعي پنهنجي سوچ ۽ سياست کي اڳتي وڌايو، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ پي ڊي ايم تي به پريشر وجهڻو پوندو …

ان موقعي تي شاهه محمد شاهه چيو ته مير حاصل بزنجو جي مشن کي اسان گڏجي اڳتي وڌائينداسين …

تقريب کي سماجي اڳواڻ مجاهد بريلوي، ڪرامت علي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو …..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.