ميرپورماٿيلو : ڳوٺاڻن پاران ايڪسيئن سيپڪو ۽ ٻين عملدارن جي زيادتين خلاف مظاھرو

ميرپورماٿيلو  جي ڳوٺ قاضي لعل بخش ڪلوڙ جي رھواسي سوين ڳوٺاڻن ايڪسيئن سيپڪو ميرپورماٿيلو ۽ سيپڪو جي ٻين عملدارن  جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ،ان موقعي تي استاد صادق،قاضي طفيل،نياز ڪلوڙ ،وھاب ڪلوڙ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته انهن جي ڳوٺ ۾ پراڻي وقت کان بجلي آھي،باقاعدگي سان 40 سالن کان بل به ڀريندا پيا اچن،بلن جون رهيل قسطون به ادا ڪيون پيون وڃن ۽ 30 ھزار روپيہ منٿلي رشوت به سالن کان ڏيندا پيا اچن  ان جي باجود هاڻي رشوت ٻيڻ  نه ڪرڻ تي ايڪسيئن معراج شيخ،لائين مين علي مراد ڪلوڙ، سائينڏنو ڪلوڙ ۽ ٻين انهن  جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي ۽ ميٽر به  پٽي کڻي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي انهن جا ميٽر واپس ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انجنئر جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.