شعيب ملڪ اهو اعزاز ماڻي ورتو، جيڪو اڄ تائين ڪنهن ايشيائي ناهي ماڻيو…!

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون.

38 ورهين جي شعيب ملڪ اهو اعزاز ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي ۾ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ دوران خيبر پختونخواهه جي نمائندگي ڪندي بلوچستان خلاف حاصل ڪيو.

هن 2 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 74 رنسن جي اننگز کيڏي، ان دوران هن پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 10 رنسون پڻ مڪمل ڪري ورتيون.

شعيب ملڪ اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ ايشيا جو پهريون ۽ دنيا جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جا ڪرس گيل ۽ ڪيرون پولارڊ اهو اعزاز ماڻي چڪا آهن.

حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته شعيب ملڪ جي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ ڪا به سينچري شامل ناهي، ائين هو بنا سينچري جي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڪرڪيٽر پڻ بڻجي ويو آهي.

ڀارت جو ورات ڪوهلي پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ جي ويجهو آهي، جنهن هيل تائين مختصر ترين فارميٽ ۾ 9 هزار 33 رنسون ٺاهيون آهن.

شعيب ملڪ هيل تائين مجموعي طور 395 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪو آهي ۽ وڌيڪ 4 ميچون کيڏي هو ان فارميٽ ۾ 400 ميچون کيڏندڙ دنيا جو چوٿون ڪرڪيٽر به بڻجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.