دنيا ۾ 29 ملين عورتون غلاميءَ تي مجبور

 

پرٿ (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 29 ملين عورتون مختلف صورتن ۾ غلامي ڪري رهيون آهن.

”واڪ فري“ نالي غير سرڪاري تنظيم جي رپورٽ موجب جبري پورهئي، قرض بدلي ڪم، جبري شادي ۽ ٻين صورتن ۾ وڏي پئماني تي عورتن جو استحصال ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هر 130 عورتن مان هڪ ان صورتحال مان متاثر آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنسي استحصال جي متاثرن ۾ عورتن جو ريشو 99 سيڪڙو، جبري شادين ۾ 84 سيڪڙو ۽ جبري پورهئي جي متاثرن ۾ عورتن جو ريشو 54 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.