امن جو نوبل انعام کٽيندڙ ورلڊ فوڊ پروگرام واڌو فنڊ گهري ورتا

 

روم (ويب ڊيسڪ) امن جو نوبل انعام کٽيندڙ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهه ڊيوڊ بيزلي عالمن قوتن کان واڌو فنڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

هن خاص طور تي سڄي دنيا جي ٻه هزار امير ترين شخصيتن کي فنڊن جي اپيل ڪئي آهي، جن جي دولت جي ماليت 8 ٽريلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.

ڊيوڊ بيزلي چيو آهي ته هن سال اسان جو ادارو 138 ملين ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي جو هدف رکي ٿو، جنگ، موسمياتي حالتن ۽ ڪورونا وبا سبب لکين ماڻهو بُک مرڻ جو خدشو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.