گوگل سيڪيورٽي مسئلن جو حل ڪڍي ورتو، نئون سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان جو اڪائونٽ هيڪ ٿو ٿئي ته ان حوالي سان اي ميل کي پڙهڻ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪافي دير ٿي وڃي.

اِهو ئي سبب آهي جو گوگل هاڻ گوگل اڪائونٽس جي تحفظ لاءِ هڪ نئين اين ايپ سيڪيورٽي الرٽس جو فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ان فيچر جي تحت جڏهن گوگل کي اڪائونٽ جي حوالي سان ڪنهن سيڪيورٽي بابت مسئلي جو علم ٿيندو، جهڙوڪ ڪنهن اڻڄاتل ڊيوائس تان لاگ ان ٿو ٿئي، ته ايپ ۾ هڪ الرٽس ڊسپلي هوندو، جنهن ۾ پروفائل پڪچر تي هڪ ڳاڙهي رنگ جو (!) بڻيل هوندو.

جڏهن ان تي ڪلڪ ڪبو ته سيڪيورٽي مسئلي جي وارننگ ڏسي سگهبي ۽ ان کي حل ڪرڻ جو چئي سگهبو.

گوگل موجب ان نئين سسٽم جو فائدو اِهو آهي ته صارف کي يقين هوندو ته هي گوگل طرفان ئي آيو آهي ڪنهن ٻئي طرفان نه، جيئن اي ميلز ۾ ٿيندو آهي.

گوگل موجب اِهو نئون فيچر ايندڙ هفتن ۾ محدود تعداد ۾ صارفن کي موجود هوندو ۽ ايندڙ سال جي شروع ۾ ڪنهن وقت سمورن صارفن کي متعارف ڪرايو ويندو.

گوگل طرفان گوگل اسسٽنٽ جي لاءِ هڪ گيسٽ موڊ به متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن کي وائس ڪمانڊ سان آن ڪرڻ تي جيڪي هدايتون ڏنيون وينديون اُهي اڪائونٽ ۾ محفوظ نه هونديون.

هڪ طرح سان هي گوگل اسسٽنٽ جو انڪو گنيٽو موڊ آهي جيڪو ايندڙ هفتن ۾ موجود هوندو.

گوگل اِهو به اعلان ڪيو آهي ته صارف جلد ئي ٽائم لائن تي ۾ لوڪيشن هسٽري ڊيٽا کي پاڻ ايڊٽ به ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.