نوشهرو فيروز: پيرا ميڊيڪل جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اھتمام هيٺ جلسو

نوشهروفيروز ۾آل پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف فيڊريشن پاڪستان جي مرڪزي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اھتمام هيٺ ڪميونٽي ھال ۾ احتجاجي جلسو ڪوٺايو ويو  جنھن ۾ مرڪزي، صوبائي قيادت کان سواءِ سمورن ضلعن کان پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي صدر شرافت الله يوسفزئي، شاھد جھان خٽڪ، ارشد خان، مالڪ شاھ، ملڪ منير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيراميڊيڪل ڪائونسل جي قيام سان سڄي پاڪستان جي پيراميڊڪس جي گڏيل حقن سان صحت کاتو مضبوط ٿيندو پر افسوس حڪومت حقن جي لتاڙ ڪري رھي آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف جو پراڻو مطالبو ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر جو آھي جنھن لاءِ سنڌ حڪومت غيرسنجيدھ ڪردار ادا ڪندي رھي آھي ، هنن مطالبو ڪيو ته رسڪ الائونس في الفور بحال ڪري ٽائيم اسڪيل ۽ ٻيا تسليم ڪيل مطالبا حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.