نوابشاهه :ڳوٺاڻي پاران وڏي ڀاءُ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه جي يوسي جمال شاهه جي ڳوٺ الھه ڏتو زرداري جي رھواسي غلام رسول زرداري، محمد نواز زرداري، صغران زرداري، رخسانه زرداري سان گڏ پنھنجي وڏي ڀاءُ علي مردان زرداري، ڀائيٽي امان الله زرداري ۽ ايس ايچ او شھنشاھه جي زيادتين خلاف پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سندس وڏي ڀاءُ ان جي ٻن پٽن سليم زرداري، حليم زرداري ۽ سوئٽ ولي محمد زرداري خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ پوليس انهن  خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ ايس ايس ايچ او شھنشاھه ھڪ لک روپيا رشوت طلب ڪري رھيو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته وڏي ڀاءُ ۽ ايس ايڇ او جي ظلمن کان نجات ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.