ميرپورخاص ۾ نرسن پاران پڪو نه ڪرڻ ۽پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾”  ڪووڊ نائين ٽين  نرسز فورم” پاران ڪميشن پاس نرسن کي پڪو نه ڪرڻ ، ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي انيلا مري، ياسمين ، رينا ، مهوش ،منوج ڪمار۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪرونا جي وبا دوران صحت کاتي پاران ميرپوخاص ضلعي جي 47 ميل ۽ فيميل نرسز کي رينڊرڊ بيس تي 03 مهينن لاءٌ ڀرتي ڪيو  هو،  اسان مشڪل وقت ۾ خطرناڪ وبا دوران آئسوليشن وارڊن ۾ ڊيوٽيون ڪيون آهن ،  هنن چيو ته هيلٿ سيڪريٽري پاران انهن کي هڪ مهيني اندر پڪو ڪرڻ جو ايگريمينٽ ڪيو ويو هو پر وقت پورو ٿيڻ کان 22 ڏينهن وڌيڪ ٿي ويا آهن کين پڪو نه ٿو ڪيو وڃي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير صحت ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته کين فوري طور پڪو ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.