ڄامشورو:ٻيٽن تي قبضي خلاف قومپرست ڌريون هِڪ، 17 آڪٽوبرکان جدوجهد جو اعلان

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو جنهن ۾ قومپرست ۽ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن صنعان خان قريشي , رياض چانڊيو , ڊاڪٽر رسول بخش خاصخي , اسلم خيرپوري , ڊاڪٽر نياض ڪالاڻي , امير آزاد پنهور , تاج جويو , بخشل ٿلهو , پروفيسر مشتاق ميراڻي , گل حسن ڪلمتي, حاجي شفيع ڄاموٽ , ابرار قاضي, عبدالمجيد سيال , تاج مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي سنڌ جي زمين وسيلن ۽ حقِ حڪمراني تي وفاق هميشه قبضي جي نيت سان والار ڪندو رهيو آهي . انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو موجوده وقت ۾ وفاقي حڪومت صدارتي آرڊيننس وسيلي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي والار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . هنن چيو ته هو سمجهن  ٿا ته اهو آرڊيننس آئين جي مڪمل لتاڙ ڪندي سنڌ جي ڌرتي تي هڪ اهڙي سيٽلمينٽ ڪرڻ جي ڪوشش آهي جهڙي طرح اسرائيل فلسطين جي ڌرتي تي زوري قبضو ڪري  ڪئي آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ گڏيل طور اهو فيصلو ڪيو ويو  ته 17 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ پرامن مظاهرا ڪيا ويندا ۽ پهرين نومبر تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهون گڏ ڪري سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي انهيءَ فيصلي تان  پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.