سام سنگ جو مهانگو ترين فون به پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

سام سنگ پنهنجو نئون فولڊ ايبل اسمارٽ فون گليڪسي زي فولڊ 2 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪمپني جو مهناگو ترين  فون آهي.

ان فون کي پهرين سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو ويو هو جڏهن ته شروعاتي جهلڪ آگسٽ ۾ گيلڪسي نوٽ 20 سيريز سان گڏ پيش ڪئي وئي هئي.

فون جي ٻاهران موجود اسڪرين جنهن کي ڪمپني ڪور اسڪرين جو نالو ڏنو آهي، 4.6 انچن کان وڌي 6.2 انچن جي ٿي ويندي آهي جڏهن ته اندر موجود اسڪرين کلي 7.3 انچن کان وڌي 7.6 انچن جي ٿي ويندي آهي.

مين ڊسپلي ۾ 120 ريفريش ريٽ ڏنو ويو آهي جڏهن ته الٽراٿن گلاس کي به تصوير جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊيوائس جو حصو بڻايو ويو آهي.

فون جي هينج کي به پهرين کان بهتر بڻايو ويو آهي ۽ ڪمپني ان کي هائيڊ اوي هينج جو نالو ڏنو آهي ۽ هي 75 کان 115 ڊگري تي پنهنجي دم تي بيهي سگهي ٿو.

جڏهن ته ان فون کي فليڪس موڊ تي استعمال ڪيو ويندو آهي ته صارف مخصوص ايپس کي مين اسڪرين تي اسپلٽ ويو ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا.

ون ۾ نان اسڪرين سائيڊ تي 3 ڪيميرائن جو سيٽ اپ آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 12 ميگا پڪسل ۽ ڊوئل پڪسل آٽو فوڪس، آپٽيڪل اميج اسٽيبلائزيشن ۽ 1.8um سائز پڪلسز سان گڏ آهي.

اهڙي ريت 12 ميگا پڪسل فوٽو ڪيمرا 2 ايڪس زون سان گڏ آهي جڏهن ته ٽئين ڪيمرا 12 پڪسل الٽراوائيڊ سنسر آهي.

فون ۾ 2 سيلفي ڪيمرائون به موجود آهن جيڪي ٻئي 10، ڏهه ميگا پڪسل جون آهن، انهن مان هڪ ڪور اسڪرين تي آهي جڏهن ته ٻي فولڊنگ مين اسڪرين تي موجود آهي.

 گليڪسي زي فولڊ 2 ۾ اسنيپ ڊراگون 865 پلس پراسيسر، 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج موجود آهي.

4500 ايم اي ايڇ بيٽري 25 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته فاسٽ وائر ليس چارجنگ ۽ وائر ليس پاور شيئر به ڊيوائس جو حصو آهي.

پاڪستان ۾ هي فون پري آرڊر ۾ 3 لک 40 هزار پاڪستان رپين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته بڪ ڪرائڻ تي گليڪسي بذد لائيو مفت ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.