سون جي اگهه ۾ اوچتو 1800 رپين جي واڌ ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه وڌڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ به سون جي قيمت ۾ واڌ اچي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 16 ڊالر جي واڌ سان 1931 ڊالر جي سطح تي پهچڻ سبب مقامي مارڪيٽن ۾ به اڄ في تولي ۽ 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيبوار 1800 ۽ 1543 رپين جي واڌ ٿي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت وڌي 116200 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت وڌي 99623 رپيا ٿي وئي.

بلين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني صرافا مارڪيٽن ۾ جمعي تي به في تولي سون جي قيمت 4000 رپيا گهٽ رهي آهي. اهڙي ريت في تولي چاندي جي قيمت 100 رپين جي واڌ سان 1300 ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 85 رپيا 74 پيسن جي واڌ سان 1114 رپيا 54 پيسا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.