حريم شاهه ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي ته اسلامي قانون لاڳو ڪري بي حيائي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حريم شاهه چيو ته پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان جو سبب بي حيائي ٻڌايو ويو آهي پر اها بي بنياد ڳالهه آهي، اهو ڪو پختو سبب ناهي، جنهن جي بنياد تي پابندي لڳائي وئي آهي، ايپ تي پابندي لڳائڻ جي ضرورت نه هئي، ٽڪ ٽاڪ انتظاميا پاڻ ئي اهڙن ماڻهن تي پابندي لڳائي ڇڏيندي آهي.

هن چيو ته اهڙا ڪيترائي سينسر بورڊ جهڙا ادارا موجود آهن، جيڪي بي حيائي پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، اڳ ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيو، جنهن کانپوءِ بي حيائيءَ جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.

حريم شاهه وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ جهڙين ايپس ذريعي ماڻهن جو ٽئلينٽ اُڀري سامهون ايندو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم صاحب کي اپيل آهي ته ان تان پابندي هٽائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.