دماغي صحت جو عالمي ڏينهن: ملڪ ۾ هر 3 مان 1 ڄڻو ڊپريشن جو شڪار

اڄ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ دماغي صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ 1 ارب  جي ويجهو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن دماغي عارضي جو شڪار آهن.

دماغي صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 1992ع کان ڪئي وئي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي ذهني صحت جي اهميت ۽ دماغي رويين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.

صحت جي عالمي اداري موجب سڄي دنيا ۾ 1 ارب جي ويجهو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن دماغي عارضي جو شڪار آهن.

مختلف دماغي مرضن ۾ سڀ کان عام مرض ڊپريشن ۽ اينگزائتي آهن جيڪي ٻين گھڻين بيمارين جو سبب بڻجن ٿا. هر سال عالمي معيشت کي انهن بن مرضن سبب صحت جي شعبي ۾ 1 کرب ڊالرن جو مقصان ٿئي ٿو.

صحت جي عالمي اداري موجب ذهني مسئلن جو شڪار ماڻهن سان فرق رکڻ، غير ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن ماڻهن کي وڌيڪ دٻاءَ وارين حالتن طرف ڌڪڻ اهي عمل آهن جن جي ڪري دماغي صحت ۾ بهتر جا نيجا حوصلو ڏيندڙ نه اهن.

مختلف ملڪ پنهنجي ڪل بجيٽ جو ايوريج رڳو 2 سيڪڙو ذهني صحت تي خرچ ڪري رهيا آهن.

هڪ محتاط اندازي موجب پاڪستان ۾ به 5 ڪروڙ ماڻهو ذهني مرضن جو شڪار آهن جن ۾ بالغ ماڻهن جو انگ ڏيڍ کان ساڍن تن ڪروڙن جي ويجهو آهي. هڪ ٻئي اندازي موجب اسان مان هر ٽيون شخص ڊپريشن جو شڪار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.