حيدر علي ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو خواهشمند

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين حيدر علي ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي حيدر علي چيو ڪوچ اعتماد ڪري ته رانديگر جا حوصلا بلند ٿي ويندا آهن، منهنجون نظرون پاڪستان لاءِ ٽئي فارميٽ کيڏڻ تي آهن، جيئن ڪيريئر جي شروعات ڪئي اٿم، ڪوشش آهي ته اهو سلسلو جاري رکان.

انگلينڊ خلاف ڪيريئر جي پهرين ئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ حيدر علي وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي پرفارمنس، پوءِ فرسٽ ڪلاس، پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ڊيبيو تي ففٽي اسڪور ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، پاڻ کي ڪنهن هڪ فارميٽ تائين محدود نٿو رکڻ چاهيان.

هن چيو ته ڪنهن به نوجوان ڪرڪيٽر لاءِ ڪوچ جو اعتماد اهم هوندو آهي، ان سان رانديگر جو حوصلو بلند ٿيندو آهي، محمد وسيم ناردرن ڪوچ طور پنهنجي وڏي رهنمائي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.