سون جون قيمتون وري تبديل…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه چڙهڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ به سون جي في تولو قيمت ۾ 1400 ۽ 10 گرام ۾ جي قيمت ۾ 1200 رپين جي واڌ ٿي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 31 ڊالر جي واڌ سان 1915 ڊالر جي سطح تي پهچڻ سبب مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به اڄ في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 1400 ۽ 1200 رپين جي واڌ ٿي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جا اگهه وڌي 114400 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت وڌي 98080 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.