مهوش حيات ۽ حسن شهريار آسڪر سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻجي ويا

تنغه امتياز حاصل ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات ۽ مشهور ڊزائينر حسن شهريار ياسين (ايڇ ايس واءِ) آسڪر سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻجي ويا.

آسڪر سليڪشن ڪميٽي جي سربراهي ٻه ڀيرا آسڪر ۽ ايمي ايوارڊ کٽيندڙ فلم ساز شرمين عبيد چناءِ ڪندي ۽ اها ڪميٽي فلمي دنيا جي سڀ کان معتبر ايوارڊ آسڪر لاءِ پاڪستاني فلم نامزد ڪندي.

ان ڏس ۾ اداڪارا مهوش حيات پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي هن سال ٻه ڀيرا آسڪر کٽيندڙ شرمين عبيد چناءِ سان گڏ آسڪر سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي.

هن چيو ته آئون نامزد ڪيل فلمون ڏسڻ جي منتظر آهيان ۽ اهو هڪ ئي اڪيلو رستو آهي جنهن ذريعي اسان پاڪستان جي هاڪاري تصوير پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيلينٽ کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪري سگھون ٿا.

ٻي پاسي ڊزائينر حسن شهريار ياسين به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آسڪر ڪميٽي جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته ان ڪميٽي جي سربراهي شرمين عبيد چناءِ ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر اسد الحق، اداڪارا مهوش حيات ۽ موسيقار فيصل ڪپاڊيا آهن.

واضح رهي ته سمورن ملڪن طرفان نامزدگين کان پوءِ موشن پڪچرز آرٽس اينڊ سائنسز اڪيڊمي ايوارڊ جي آخري نامزدگين جو اعلان ڪندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.