بالي ووڊ جي هڪ ٻي مشهور اداڪارا جو ”دين“ خاطر شوبز ڇڏڻ جو اعلان

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مقتول ترين ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 6 مان شهرت حاصل ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا ثنا خان دين خاطر شوبز کي الوداع چئي ڇڏيو.

ثنا خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ ڊگهي پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته اهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان خوشگوار لمحو آهي، الله ان سفر ۾ منهنجي رهنمائي ڪري.

انسٽاگرام تي جاري ڪيل پيغام جي شروعات ۾ هن لکيو ته اڄ مان پنهنجي زندگي جي هڪ اهم موڙ تي توهان سان ڳالهائي رهي آهيان، مان ورهين کان شوبز انڊسٽري جي زندگي گذاري رهي آهيان ۽ ان عرصي ۾ مون کي هر قسم جي شهرت، عزت ۽ دولت پنهنجي چاهيندڙن طرفان نصيب ٿي، جنهن تي مان انهن جي ٿورائتي آهيان پر هاڻ ڪجهه ڏينهن کان مون تي اهو احساس قبضو ڄمائي ويٺو آهي ته انسان جو دنيا ۾ اچڻ جو مقصد رڳو اهو ئي آهي ته اهو دولت ۽ شهرت ڪمائي؟

هن چيو ته ڇا ان تي اهو فرض لاڳو نٿو ٿئي ته اهو پنهنجي زندگي انهن ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري، جن جو ڪو سهارو ناهي؟ ڇا انسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته ان کي ڪنهن به وقت موت اچي سگهي ٿو ۽ مرڻ کانپوءِ ان جو ڇا ٿيندو؟ انهن سوالن جا جواب مان وڏي وقت کان ڳولي رهي آهيان، خاص طور اهو سوال ته مرڻ کانپوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟

ثنا خان لکيو ته ان سوال جو جواب مان پنهنجي مذهب ۾ ڳوليو ته مون کي خبر پئي ته دنيا جي اها زندگي حقيقت ۾ مرڻ کانپوءِ جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ آهي ۽ اها ان ئي صورت ۾ بهتر ٿيندي، جڏهن بندو پنهنجي پيدا ڪندڙ جي حڪم موجب زندگي گذاري ۽ رڳو دولت ۽ شهرت کي پنهنجو مقصد نه بڻائي پر گناهه جي زندگي کان بچي انسانيت جي خدمت ڪري ۽ پنهنجي پيدا ڪندڙ جي ٻڌايل طريقن تي هلي.

سندس چوڻ هو ان ڪري مان اڄ اهو اعلان ڪري رهي آهيان ته پنهنجي شوبز جي زندگي ڇڏي انسانيت جي خدمت ۽ پنهنجي پيدا ڪندڙ جي حڪم تي هلندڙ جو پختو ارادو ڪيان ٿو، منهنجي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ گذارش آهي ته اهي اڳتي مون کي ڪڏهن شوبز جي ڪم ڪنهن لاءِ دعوت نه ڏين.

واضح رهي ته ثنا خان ”يهي هي هاءِ سوسائٽي، بمبئي ٽو گوا، هلا بول، وجهه تم هو ۽ ٽوائليٽ“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر به ڏيکاري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.