انصاف جي اوسيئڙي ۾ دادو جي نياڻي فرزانه جمالي

تحرير: ايس ايم لغاري

روزانو جڏهن ڪا سنڌي اخبار کڻي ان تي نظر ڦيرائيجي ته ٻئين يا ٽئين صفحي تي ،معمولي نوعيت جي خبر طور ڇپيل ڪنهن  ڪنڊ پاسي ۾ بنا ڪنهن سُرخي جي ٻن سٽن تي پڙهڻ لاء ملي ٿو ته سنڌ ۾  ڪٿي ڪنهن نياڻي سان زيادتي ڪئي وئي ڪٿي ڪنهن نياڻي مٿان تشدد ڪيو ويو آهي ڪٿي نياڻيون ڪُسجن ٿيو هر روز سنڌ جي ڪنهن نہ ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نياڻين سان زيادتين ڌمڪين تشدد جا واقعا پيش اچن ٿا ڪٿي امہ رباب کي روئندي ڏسون پيا ڪٿي فضيلا غائب ٿي وڃي ٿي ڪٿي رمشہ ماريو وڃي ٿي ڪٿي فرزانہ جمالي انصاف لاء روڊن تي ڏسون پيا سنڌ ۾ ڪو پل خالي ناھي جڏھن نياڻين جي عزتن جو پائمال نه ڪيو ويو ھجي پر سنڌ ۾ ڪنهن به غريب نياڻي کي ڪڏهن به انصاف نه ملي سگهيو آهي جيڪڏهن انصاف لاء ڪا نياڻي نڪتي به هوندي ته ان کي مارايو ويو آهي يا نياڻي جي وارثن کي ڌمڪائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي خاموش ڪرايو ويو هوندو ليڪن غريب نياڻي کي ڪڏهن به انصاف نه ملي سگهيو آهي حڪمرانن جون نياڻيون انهن سان تہ 24 ڪلاڪ هٿيارن سان گاڊ گڏيل هوندا انهن جون نياڻيون ته محفوظ آهن پر غريب جي نياڻي جي حفاظت ڪير ڪندو دادو ۾ به پيء کي هڪ اولاد هڪڙي نياڻي فرزانه جمالي آهي جنهن کي گذريل 15 سالن کان روڊن تي ڪورٽن ۾ ٿاڻن ۾ انصاف لاء دربدر ڏٺو سين پر ڪٿي به يتيم نياڻي کي انصاف نه ملي سگهيو فرزانہ جمالي جي والد کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو ان کان بعد زمينن تي پلاٽن تي گهرن تي قبضا ڪيا ويا انهن قبضن خلاف جڏهن فرزانہ جمالي جا ماما ٿاڻن تي پهتا ته ٿاڻن تي انچارج به قبضو ڪندڙ هيا جن ڪوڙا ڪيس ڪرائي فرزانه جمالي جي مامن کي خاموش ڪري ڇڏيو ان کان بعد نياڻي فرزانہ جمالي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيا ٿاڻن تي ضلعي انتظاميہ جي درن تي انصاف لاء دانهون کڻي وئي پر ڪٿي به انصاف نه مليو جنهن کان بعد سپريم ڪورٽ هائي ڪورٽ دادو جي عدالتن نياڻي سان انصاف ته ڪيو عدالتن نوٽس به ورتو ته نياڻي فرزانہ جمالي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي زمينن تان قبضا ختم ڪيا وڃن پر پوءِ به دادو جي پوليس ايتري پاور رکي ٿي جو عدالتن جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو ۽ هڪ قبضا مافيا ايس ايڇ او کان ڊڄي پئي ۽ نياڻي کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي رهندو نياڻي کي ڌمڪايو پيو وڃي دادو جو مشهور ايس ايڇ او افتخار جمالي جنهن مورو پل تي مشهور فنڪاره ديبا سحر تي تشدد ڪري پاڻ کي مشهور ڪيو ان ايس ايڇ او جي اڄ به دادو ۾ ايس ايس پي دادو کان وڌيڪ هلندي آهي هاڻي سي آئي اي انچارج آهي افتخار جمالي سندس ڀاء آفتاب جمالي دودو جمالي ۽ والد غلام محمد جمالي خلاف تازو دادو پريس ڪلب تي آيل فرزانہ جمالي پريس ڪانفرنس ڪئي ته سي آئي اي انچارج افتخار جمالي آفتاب جمالي وارن ڌمڪيون ڏنيون آهن ته والد جي قتل ۽ زمينن جي قبضن واري مسئلي تان هٿ کڻي وڃ نه ته توسان اهڙو حشر ٿيندو جو دنيان ياد ڪندي ڇا هي گنڊا راج ناهي فلمن ۾ اهڙا سين ڏسندا هئاسين هاڻي اکين سان ڏسون پيا سرعام نياڻين کي ڌمڪيون ڏنيون پيو وڃن ايس ايڇ او افتخار جمالي نياڻين کي حراسان ڪرڻ ڌمڪيون ڏيڻ کان علاوه سي آئي اي انچارج افتخار جمالي سندس ڀاء آفتاب جمالي دودو جمالي والد غلام محمد جمالي تي مٿان قبضن ۽ فراڊ ڊڪيتي سميت سوين ڪرمنل ڪيس داخل ٿيل آهن ان کان علاوه ٿوري عرصي ۾ انهن وٽ اربين رپين جو پراپرٽيون ڪٿان آيون اڄ به انهن جا گهر پيٽرول پمپ سرڪاري پلاٽ تي تعمير آهن پر ضلعي انتظامي سميت ت ٻيا ادارا الائي ڇو خاموش آهن ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا ڇو خاموش آهن ايوانن ۾ ويٺل اپوزيشن جا ڊرامي باز ڀوتار ڇو خاموش آهن توهان ڀوتارن جي نياڻين کي زڪام ٿئي ٿو ته ٻاهرين ملڪن جي ڊاڪٽرن کي پريشان ڪري ڇڏيو ٿا سنڌ ۾ غريب نياڻي سان ناانصافي ڇو ڇا هي غريب آهن ان ڪري انصاف نه ملندو بس هاڻي نٿي گهرجي سنڌ کي ڪائي ترقي روڊ صحت تعليم روزگارجيڪي جيئرا رهندا سي کائيندا ۽ پنهنجي لاء سهوليتون پيدا ڪندا  پنهنجي جمهوري ۽ قاتل سفاڪ جن کي قابو ڪريو بس سنڌين کي امن کپي سنڌ ۾ امن ڪرايو

بس رڳو هر روز ڪا امه رباب نه روئاريو

فرزانه جمالي کي انصاف لاء روڊن تي نه آڻيو

سنڌ جي نياڻين تي سياست نه ڪيو

اسان کي امن جي ڌرتي کپي باقي هاڻي اسان سمجهي وياسين ته اسان توھان جا ناھيون، توھان اسان جا ناھيو توهان غريبن تي سياست ئي ڪري سگهو ٿا

هي وقت اسان کان گڏيل شعور ۽ عمل جي تقاضا ڪري رهيو آھي. ۽ سنڌ جي هر ساڃاھ وند جي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ھو قوم جي اندر گڏيل شعور ۽ گڏيل مفادن جي سمجھ پيدا ڪرڻ جي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن باقي اهڙي رياست جتي انصاف جا ٻٽا معيار هجن. ظالم، جابر قوتن ۽ مظلومن لاء انصاف جي جدا جدا وصف هجي. اهڙي رياست ۽ ان جي ادارن کان انصاف جي توقع رکڻ فضول آھي حڪومت جي مجرماڻي خاموشي ڏسي ائين ٿو لڳي ته انهن کان مطالبو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهن ان ڪري ڪٿي ڪنهن غريب نياڻي سان ظلم ٿئي ٿو ته علائقي واسين کي نڪرڻو پوندو ڪنهن هڪ غريب سان ظلم ٿئي ان جو آواز بڻجي ايوانن تائين پھچائڻ اوهان تي ۽ اسان تي فرض ٿئي ٿو غريب جي مدد غريب ڪري سگهي ٿو باقي ڀوتارن ۾ ڪا به اميد نه رکو ته بهتر آهي

تحرير: ايس ايم لغاري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.