آمنا الياس ساٿي اداڪارائن تي ڪاوڙجي پئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس رنگ ڀورو ڪرڻ وارين شين جي مشهوري ڪندڙ ساٿي اداڪارائن تي ڪاوڙجي پئي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي آمنا الياس لکيو آهي ته رنگ ڀورو ڪرڻ وارين شين جي مشهوري ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.

سندس موجب انڊسٽري سان سلهاڙيل منهنجون ڪجهه ساٿي فنڪارائون پئسي خاطر هڪ عرصي کان رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪري رهيون آهن، عوامي شخصيت هجڻ جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ٻئي کي ان جي خوبصورتيءَ جو احساس ڏياريون، ان کي شرمندگي ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا نه ڪيون ته هو خوبصورت ناهي.

آمنا الياس لکيو ته اهڙي قسم جي فڪر ۽ سوچ کي هٿي ڏيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.

واضح رهي ته آمنا الياس اڳ به ان معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رهي آهي.

هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ سندس چوڻ هو ته منهنجو رنگ مون کي ناڪام نٿو ڪري سگهي ۽ نه مون کي ڪنهن مقصد ۾ ڪيرائي سگهي ٿو، منهنجو رنگ جهڙو به هجي فرق نٿو پئي، مان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.