زمبابوي خلاف نوجوان رانديگرن کي کيڏائڻ جو اشارو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته زمبابوي خلاف سيريز ۾ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي موقعو ڏينداسين.

مصباح الحق نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ سيڪنڊ اليون جو جائزو وٺڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم لاهور پهتو، جتي هن رانديگرن جي ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته زمبابوي خلاف سيريز جي شيڊيول جو اعلان نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنداسين، ڪوشش آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي لاءِ 22 يا 23 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيون.

هن چيو ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ نوان ۽ نوجوان رانديگر سٺي پرفارم ڪري رهيا آهن، اهو فيصلو ناهي ڪيو ته سينيئرن کي آرام ڏيڻو آهي يا نه، اڃا ان حوالي سان سوچ ويچار ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ فرسٽ ۽ سيڪنڊ اليون ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڏسي رهيا آهيون ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي زمبابوي خلاف موقعو ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.