ٻيٽن تي قبضي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن لاءِ وفاقي سرڪار پاران آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ٿيڻ خلاف  سنڌ جي  مختلف شهرن ۾  ڪالهه به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، تنگواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن اڪرم باجڪاڻي، شربت نندواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد  ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،نصير آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، ممتاز ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،جنهن کي پريس ڪلب اڳيان اڳواڻن خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته پ پ  حڪومت مراعتون وٺڻ لاءِ سنڌ جا ٻيٽ وفاق کي ڏئي ڌرتي وڪرو ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اڳواڻن  چيو ته ڪراچي ڪميٽي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي شھر  قبول ناهن،هنن وڌيڪ چيو ته هر سنڌي آخري پساهه تائين پنهنجي ڌرتي جو تحفظ ڪندو، سنڌ حڪومت مجرماڻي خاموشي اختيار ڪرڻ بدران ٻيٽن تي وفاقي والاري روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، مظاهرين طرفان سنڌ اسيمبلي ذريعي اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.