سنڌ عوامي فورم ۽ قاسم آباد اتحاد پاران به جدوجهد جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ عوامي فورم ۽ قاسم آباد عوامي اتحاد جي اڳواڻن جي هڪ گڏيل ويهڪ ايڊوڪيٽ عبدالرزاق ميراڻي جي رهائشگاهه چانڊيا ڳوٺ قاسم آباد حيدرآباد ۾ حبيب جتوئي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس، وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمن منصوبي ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت جي خاموش رضامندي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل  فيڊرل آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ فيڊرل ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي 1973ع جي آئين ۽ خاص طور تي ارڙھين ترميم جي روح جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو ۽ ان وسيلي سنڌ ۽  بلوچستان جي تاريخي سامونڊي علائقن کي هڪ غير آئيني سازش ذريعي وفاق پاران قبضي ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. اجلاس ۾ متفقه طور تي چيو ويو ته وفاق پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن تي آرڊيننس جي ذريعي قبضي ڪرڻ واري ان سازش ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ حڪومت سهولتڪارن جو ڪردار ادا ڪن ٿا، اجلاس ۾ پ پ پ اڳواڻ نثار کهڙي پاران هڪ ٽي وي شو ۾ ٻيٽن جي ترقي جو جواز ڄاڻائي صدارتي آرڊيننس جي حمايت ڪرڻ واري بيان کي سنڌ دشمن موقف قرار ڏئي سخت لفظن ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.