ساڃاهه وندن پاران ٻيٽ بچائڻ لاءِ مزاحمت جو اعلان

حيدرآباد(پ ر) سنڌ جي ٻيٽن تي غير آئيني صدارتي آرڊيننس ذريعي وفاق جي ناجائز قبضي  ۽ مجموعي طور سنڌ جي آئيني خودمختياري ۽  وسيلن تي سياسي ۽ معاشي ڌاڙن خلاف سنڌ جي باشعور اديبن، سياسي ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وندن جو هڪ هنگامي اجلاس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ملڪ ۾ آئيني لتاڙ، جمهوريت ۽ ارڙهين آئيني ترميم جي نفي ۽ سنڌ جي وحدت ۽ تاريخي وسيلن تي ڌاڙن خلاف تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صدر عارف علوي پاران آئيني لتاڙ ڪندي سنڌ جي ٻيٽن تي پاڪستان آئلينڊس ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي ۾ قبضي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ انکي ملڪي آئين ۽ وفاقي سماجي معاهدي جي مڪمل نفي ۽ لتاڙ قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي  مجرمانه مصلحت پسندي ۽  خاموشي جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي  ان ڏس ۽ هر ممڪن  پرامن جههوري سياسي مزاحمت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ اربع ، ستين  آڪٽوبر تي پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ  جي احتجاج کي ساراهيو ويو، يارهين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ترقي پسند پارٽي جي اعلانيل احتجاج جي   پڻ حمايت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيوويو ته ان ڏس ۾ جيڪا به سياسي پارٽي يا ڪو فورم جدوجهد ڪندوان جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ سنڌ اسيبلي کان به ڀرپورمطالبو ڪيو ويو ته اهو سنڌ اسيمبلي جو آئيني ۽ اخلاي فرض آهي  ته اها سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ وسيلن جي  حفاظت ڪري. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ يوسف لغاري، پروفيسر امداد  چانڊيي،  تاج جويي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، بخشل ٿلهي، امر سنڌو، حسين مسرت شاه، مسرور شاه، مهيش ڪمار، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيي، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، مختيار عباسي، مهراڻ ميمڻ ، اظهار سومري ۽ جامي چانڊيي شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.