سنڌ جي يونيورسٽين کي 3 مهينا دير سان رقم جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ حڪومت يونيورسٽين کي  رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير سمري منظورڪري  ورتي آهي، عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب  نئين مالي سال 2020،21 لاءِ مختص  5 ارب رپين مان 4 ارب 93 ڪروڙ 33لک 34 هزار رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر 5 ڪروڙ 40 لک، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري  5 ڪروڙ 40 لک ،بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي ، اسڪل ڊيولپمنٽ خيرپور 6 ڪروڙ 60 لک،  ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائينسز ڪراچي 42 ڪروڙ 90لک، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد6 ڪروڙ 60لک،  انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم شامل آهي،  لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ، هيلٿ سائينس ڄام شورو کي 10 ڪروڙ ، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ، ٽيڪنالوجي ڄام شورو کي35 ڪروڙ 50 لک، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ڄام شورو کي5 ڪروڙکان وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائينس فار وومين شهيد بينظير آباد ، قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ  سائينس ٽيڪنالوجي شهيد بينظيرآباد ، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو لاءِ به رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي،پبلڪ سيڪٽرن کي هن سال ٽن قسطن ۾ فنڊز ملندا،  پهرين قسط هڪ   ارب 64 ڪروڙ 44 لک تي مشتمل آهي ، وڏي وزير طرفان 27 يونيورسٽين لاءِ  جاري ڪيل فنڊ کي هن سال لاءِ ڪوارٽرز طرز کان هٽي ڪري چئن مهينن ۾ ٽن قسم ۾ ورهايو ويو آهي، 5 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا، پر يونيورسٽي بورڊ جي سستي سبب يونيورسٽين کي ڏوڪڙن بنا ڪم هلائڻو پيوهو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.