نواز شريف خلاف بغاوت ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جو ڪيس داخل

لاهور( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جي خلاف ڏوهاري سازش جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي. ڪيس هڪ شهري بدر رشيد طرفان شاهدره ٿاڻي ۾ پهرين آڪٽوبر تي داخل ڪيو ويو.ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن ۽ ڏوهاري سازش جي تحت داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ 40 کان وڌيڪ ليگي اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ مريم نواز، راجا ظفر  الحق، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، خرم دستگير، اقبال ظفر جهڳڙا، احسن اقبال، پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، مفتاح اسماعيل، محمد زبير، مريم اورنگزيب، عطاالله تارڙ، برجيس طاهر، عظميٰ بخاري، شائستا پرويز، سائرا افضل تارڙ ۽ دانيال عزيز کي به نامزد ڪيو ويو آهي. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر به ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي. شيخ آفتاب، سائرا افضل تارڙ، زرم دستگير به نامزد آهن. ڪيس ۾ قلم 120، 120 بي ( ڏوهاري سازش)، 121، 121 اي ( پاڪستان خلاف جنگ شروع ڪرڻ جي سازش) 123 اي ( ملڪ جي جوڙجڪ جي مذمت) 124 اي ( بغاوت) 153 اي ۽ ٻيا قلم شامل آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف لنڊن ۾ پاڪستان جي مقدس ادارن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون. نوازشريف جي تقريرن ۾ ملڪ دشمن  ڀارت جي ڊيڪلئير پاليسي جي تائيد هئي. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي تقريرن جو مقصد ڀارتي فوج کي ڪشمير تي قبضي جي ڪارروائين ۽ ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ آهي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي تقرير جو مقصد  پنهنجي دوست ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سڌو سنئون فائدو پهچائڻ آهي. نوازشريف جي تقريرن جو مقصد عالمي برادري ۾ پاڪستان جي اعليٰ عدالتن ۽ هٿياربند فوج کي بدنام ڪرڻ آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر جي خلاف به غداري جو ڪيس گوجرانوالا ۾ داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير غلام سرور خان به نوازشريف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته عوامي دٻاءُ جي تحت نوازشريف جي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.