قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ ريڪوزيشن جمع

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) مخالف ڌر قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين جي مجموعي طور تي 125 ميمبرن جي صحيحن سان ريڪوزيشن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ريڪوزيشن جي اجلاس طلب ڪرڻ جي بيان ڪيل سببن ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي سميت پنج ٻيا سبب ٻڌايا ويا آهن ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ان معاملن تي بحث ڪرايو وڃي.

نوازشريف ۽ مريم نواز پاران اڳوڻو گورنر محمد زبير ترجمان مقرر

لاهور (م ڊ ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير کي نوازشريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر  ڪيو ويو آهي.پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير کي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز جو ترجمان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارٽي جي مرڪزي ترجمان ۽ سينٽرل انفارميشن سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اسپوڪس پرسنز ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محسن رانجها، طلال چوڌري، عظميٰ بخاري ۽ عطاءُالله تارڙ شامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.