ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل سنڌ جي مجموعي مصيبتن جي پس منظر ۾ ڳوليو وڃي: سيو سنڌ ڪميٽي

ڪراچي (رپورٽر) سَيوِ سنڌ ڪميٽي 5 نقاطي مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل سنڌ جي مجموعي مصيبتن جي پس منظر ۾ ڳوليو وڃي.عوام جي حقن لاءِ سڀني کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ناميارن دانشورن، سياسي اڳواڻن، ليکڪن، مزدور اڳواڻن ۽  سماجي ورڪرن ڪراچي جي حيثيت کي تڪراري بڻائڻ بابت پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي. سَيوِ سنڌ ڪميٽي طرفان جاري ٿيل پڌرائي موجب سنڌ نئين ٺهندڙ ملڪ پاڪستان ۾ 1940 ع جي لاهور قرارداد جي بنياد تي شامل ٿي هئي. ملڪ جو بنياد بڻجندڙ قرارداد ۾ چيل آهي ته ملڪ ٺاهيندڙ وحدتون آزاد ۽ خودمختيار هونديون. جاري ٿيل پڌرائي موجب حڪمرانن جي مفادپرستي ، ڪرپشن ۽ نااهلي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي مستقل مفادن ۽ ڪوتاه نظر حڪمت عملين گڏجي ڪراچيءَکي اهڙي صورتحال تي پهچايو آهي جو ان کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي ويو آهي. سَيوِ سنڌ ڪميٽي 5 نقاطي موقف ۽ مطالبو پيش ڪندي چيو ته ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل سنڌ جي مجموعي مصيبتن جي پس منظر ۾ ڳوليو وڃي. سنڌ  خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ محدود ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جي اختيارن ۽ ذميوارين جو عالمي معيار موجب واضح تعين ڪري ان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. سَيوِ سنڌ ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سڀني وڏن شهرن کي خودمختيار ۽ وسيلن وارو لوڪل گورنمنٽ سسٽم مهيا ڪيو وڃي. سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ سڀني کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. جاري ڪيل بيان تي صحيحون ڪندڙن ۾ آءِ اي رحمان، يوسف مستي خان، عبدالخالق جوڻيجو، گل حسن ڪلمتي،  ڊاڪٽر قيصر بنگالي، نور الهدي شاهه، امان الله شيخ، سهيل سانگي، ڊاڪٽر جعفر احمد، يوسف مستي خان، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، صالحه اظهر، مهناز رحمان، ڪرامت علي، ناصر منصور، شهاب سرڪي، ارشد سراج، صلاح الدين گنڊاپور، حيدر امام رضوي، محمد علي شاهه، نورناز آغا، مرزا شهريار خان، پروفيسر انيس زيدي، ڊاڪٽر مرزا علي اظهر، ڪليم دراني، ڊاڪٽر حبيب سومرو، پروفيسر رخمان گل پالاري، توقير چغتائي، مير ذوالفقار علي، قمر الحسن، محمد عثمان، شازيه خان، مقدر زمان ۽ ٻيا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.