ڊائو يونيورسٽي جي داخلا پاليسي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊائو ميڊيڪل  يونيورسٽي جي داخلا پاليسي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتوآهي ، درخواست گذار سجاول واسڻ شاگردياڻي شارقه مگسي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي ، شاگردياڻي ڊي فارميسي ۾ رڳو ڪراچي ڊويزن جو ڊوميسائيل رکندڙ اُميدوارن کي داخلا ڏيڻ واري عمل کي چئلينج ڪيوآهي ، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته يونيورسٽي طرفان داخلا پاليسي کي رڳو هڪ ڊويزن تائين محدود ڪرڻ غيرقانوني آهي، صوبي جي ٻئي ڪنهن به ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ اهڙي پاليسي نه آهي.جڏهن ته يونيورسٽي جي انتظاميا موجب هر داخلاپاليسي هر ڊسٽرڪٽ لاءِ موجود آهي .حيدر آباد جا شاگرد حيدرآباد ۾ آهي نواب شاهه جا شاگرد نواب شاهه ۾ داخلاوٺي سگهن ٿا ڪراچي جي شاگردن کي ڪنهن ٻئي ڊسٽرڪٽ ۾ داخلانٿي ملي سگهي . ان ڪري ان کي لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ۾ داخلاملي سگهي ٿو .عدالت ڌرين جا موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.