پي ڊي ايم 16 آڪٽوبر کان جلسن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم 18 آڪٽوبر وارَي  جلسَي جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو، 18 آڪٽوبر تي جلسو ڪوئيٽا بدران ڪراچي ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. جلسي جي ميزباني پيپلزپارٽي حوالي ڪئي وئي. پي ڊي اَيم جِي اسٽيئرنگ ڪميٽي جَي اجلاس ۾ مشاورت بعد سمورن جلسن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو. پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي گجرانوالا، ٻيو جلسو 18 آڪٽوبر تي ڪراچي، ٽيون جلسو 25 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، 22 نومبر تي پشاور، 30 نومبر تي ملتان ۽ آخري جلسو 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. پ پ جي راجا پرويز اشرف کي پي ڊي ايم جو سينيئر نائب صدر ۽ نون ليگ جَي شاهد خاقان عباسي کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو. پي ڊي ايم اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مقصد صرف عوام کي رليف ڏيڻ آهي. تحريڪ جو مطالبو آهي ته ملڪ آئين موجب هلي. ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سليڪيٽڊ حڪومت ملڪ جِي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي، پي ڊي اَيم جو مقصد نااهل حڪمرانن مان عوام جِي جان ڇڏائڻ آهي، لاهور ۾ رٿيل آخري جلسو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو هوندو، ميان افتخار ۽ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته غداري ڪيسن جي مذمت ڪريون ٿا، اهڙن حربن سان اسان کي جهڪائي نٿو سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.