ن ليگ ايم پي اي جو قيادت جي پاليسين خلاف ريلي جو اعلان

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قيادت جي پاليسين خلاف ن ليگ جي ايم پي اي اشرف انصاري ريلي ڪڍڻ جو اعلان  ڪيو آهي، هن 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ محب وطن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، اشرف انصاري چيو ته منهنجي پارٽي نواز شريف کي ملڪي ادارن خلاف ڳالهائڻ ۽ قومي سلامتي جا راز فاش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.هن هڪ خانگي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف برائي جي رستي تي هلندو ته هن کي روڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.