اخبارن کي ادائيگيون 15 ڏينهن کان پوءِ شروع ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي سڌسماواري کاتي کي سي پي اين اي جي ميمبر اخبارن کي اشتهارن جي مد ۾ادائيگيون  15 ڏينهن کان پوءِ فوري شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 5نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ادائيگين جي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي .سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سي پي اين اي پاران اخبارن جي ادارن کي اشتهارن جي مد ۾ ادائيگيون نه ٿيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ سي پي اين اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر جبارحٽڪ ،سڌسماواري کاتي جو ڊائريڪٽر ذوالفقار شاهه ،اڳوڻو سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق سميت پيش ٿيا .عدالت ۾ سڌسماواري کاتي جي ڊائريڪٽر ذوالفقار شاهه پنهنجي جواب ۾ چيو ته صوبائي ناڻي کاتي اخبارن جي اشتهارن جي مد ۾ ادائيگين لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن .سڌسما کاتي پاران 15 ڏينهن ۾ ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ادائيگيون ڪيون وينديون. عدالت سڌسماواري کاتي کي هدايت ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن کان پوءِ ادائيگين جو عمل شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته سڀني کان اڳ سي پي اين اي جي ميمبر اخبارن کي ادائيگيون ڪيون وڃن ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.