غداري جو بيانيه ئي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي: شيري رحمان

اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي غدار چئي توهان ڇو دنيا ۾ پنهنجي ٺٺول ڪرائي رهيا آهيو، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اها روايت آهي، پر مان چوان ٿي ته اهو  افسوسناڪ آهي، هن چيو ته غداري معاملي ۾ ڪشمير کي ملوث ڪرڻ انتهائي ڪوتاهي ۽ تنگ نظري آهي، غدار چوڻ جو پورو بيانيو ئي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي، هن چيو ته ايف آءِ آرون ڪٽيون پيون وڃن ۽ غداري جا ليبل لڳايا پيا وڃن، محترمه فاطمه جناح کي به غدار ڪوٺيو ويندو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.