”صحت جو جواز“خالد حيدرشاهه کي تعليم کاتي ۾ جوائننگ ڏيڻ کان جواب

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)چيف سيڪريٽري سنڌ تعليم کاتي واري سيڪريٽري سيد خالد حيدرشاھ کي صحت جو سبب ڄاڻائي  تعليم کاتي ۾ مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته  وقتي سيڪريٽري کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف سيد خالد حيدر شاھ کي آرام ڪرڻ يا گهٽ ڪم واري جاءِ  تي پوسٽنگ وٺڻ جو مشورو ڏنو آهي،سرڪاري ذريعن موجب سنڌ جي تعليم کاتي واري سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر خميس ڏهاڙي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ سان ملاقات ڪري پنهنجي جوائيننگ ڏني ۽ چيف سيڪريٽري کي گُذارش ڪئي ته هاڻ واپس تعليم کاتي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان مون کي تعليم کاتي ۾ موڪليو وڃي تنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ چيو ته توهان تازو ڪورونا کي فيس ڪري آيا آهيو ۽ تمام خراب حالت ۾ هليا ويا ھُئا الله سائين توهان کي ٻي زندگي ڏني آهي تعليم کاتي جي سيڪريٽري شپ تمام گهڻي مصروف ۽ وڌيڪ ڪم هُجڻ واري پوسٽ آهي ٻي طرف اسان کي توهان جي صحت جو خيال آهي  توهان ان رش واري ڪرسي تي نه وڃو هن وقت توهان جي ٻارڙن کي توهان جي ضرورت آهي گهر آرام ڪريو ۽ صحت جو خيال رکو باقي ٻي ڪا اهڙي پوزيشن ٻُڌايو جتي تمام گهٽ ڪم هُجي ۽ توهان کي تڪليف نه ٿئي اتي پوسٽنگ ڏجي ته جيئن توهان جي صحت جو نقصان نه ٿئي اهڙي ريت چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاھ جي تعليم کاتي ۾ واپس وڃڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ کاتي ۾ مقرر وقتي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو کي هدايت ڪئي آهي ته اُهو تعليم کاتي جي وقتي سيڪريٽري طور پنهنجو ڪم جاري رکي ٻئي طرف سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد بخش ناريجو کي بهتر ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪم جاري رکڻ جي اسائينمينٽ ڏني ويئي آهي جڏهن ته خالد حيدر شاھ جي صحتياب ٿي وڃڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي وقتي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو تعليم کاتي ۾ مستقل ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ھُيون هوڏانهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ،تعليم کاتي جي وقتي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ۽ صحتياب ٿي ايندڙ سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ کان موقف وٺڻ لاءِ عوامي آواز پاران رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻن رابطو نه ٿي  سگهيو.

خالد حيدرشاهه کي ڪاليج ايجوڪيشن جو سيڪريٽري بڻائڻ جو امڪان

ڪراچي:ڪورونا مان صحتياب ٿي ايندڙ تعليم کاتي واري سيڪريٽري کي ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري بنائڻ جو امڪان آهي،سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاليج ايجوڪيشن واري سيٽ گهٽ ڪم واري آهي جتي سرڪاري ڪاروهنوار جي ايتري رش نه آهي ان ڪري اهو امڪان آهي ته سيد خالد حيدرشاھ کي ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي.

خالد حيدر شاهه سعيد غني جي انتهائي ويجهو رهندڙ

ڪراچي:تعليم کاتي جو صحتياب ٿي آيل سيڪريٽري  سيد خالد حيدر شاھ تعليم واري وزير سعيد غني کي انتهائي ويجهو رهيو آهي،جنهن وقت تعليم وارو وزير مڪاني ادارن واري کاتي جو وزير هو ان وقت خالد حيدرشاھ کي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ مقرر ڪرايو ويو هو جڏهن ته مڪاني ادارن واري وزارت وڃڻ کانپوءِ جڏهن کيس تعليم جو وزير بڻايو ويو ته هن خالد حيدرشاھ کي مڪاني ادارن واري کاتي مان بدلي ڪرائي تعليم کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرايو هو پر هن وقت صوبائي وزير جون ڪوششون به ڪم اچي نه سگهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.