وارهه: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

سنڌ جي قديم ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق طرفان قبضي ۽ غير آئيني اٿارٽي ٺاهڻ خلاف وارھ ۾ ٻئي ڏينهن به سياسي سماجي تنظيمن ۽ ادبي سنگت طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي احتجاج ڪندڙن محسن ابڙو، محمد خان تنيو، عارف تنيو، جبران ڇٽو، وحيد حيدري، ۽ ٻين چيو ته صدارتي آرڊيننس ذريعي غير آئيني اٿارٽي ٺاهي سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو آھي جنهن کي سنڌ جو عوام قطعي طور قبول ڪونه ڪندو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پاليسي واضح ڪري

رپورٽ- مظفر قاضي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.