قمبر: برک صحافي مرحوم ڪامريڊ دائود سيال جي ٽيجهي تي ميڙاڪو

رپورٽ- محمود شيخ

قمبر جي برک ۽ بي باڪ صحافي مرحوم ڪامريڊ دائود سيال جي ٽيجهي تي پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي، جڏهن ته سندس صحافتي زندگي تي روشني وجهندي پريس ڪلب قمبر جي صدر حاجي مولا بخش مغيري، صحافي نور احمد کوسو،عبدالرحيم منگي،الطاف حسين بروهي، ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ دائود سيال هڪ بهادر سچو ۽ کرو انسان هيو هُو نه رڳو صحافي هيو پر مزدورن ۽ هارين جي حقن جو ترجمان به هو، هن سدائين غريبن ۽ بي پهچ ماڻهو جي واهر ڪئي

هنن چيو ته ڪامريڊ هڪ محبت ڀريو انسان هو ، اهڙا دلير سچا کرا محبتي ماڻهو تمام گهٽ آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.