سوڀوديرو :آرامشين کي بجلي جي تارن مان باھ وڪوڙي وئي

سوڀوديرو شھر جي مين روڊ سان رضامحمد جھنڊير جي آرامشين کي بجلي جي تارن مان باھ وڪوڙي وئي جنھن سبب مشين اندر پيل جنڊي۔ پاوا۔ سيرون۔ ٻانھيون سڙي رک ٿي ويون، شھرين ۽ پاڙيسرين پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ، تعلقي انتظاميا ۽ فائيربرگيڊ باھ وسائڻ لاء نه پھتا،  نقصان جو ڪاٿو ھزارين رپيا ٻڌايو وڃي ٿو

رپورٽ- اورنگزيب پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.