سکر: آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي،خورشيد شاهه پيش               

آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه کي احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪيو ويو ،احتساب عدالت  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب پراسڪيوٽرجي درخواست تي  فيصلو  محفوظ ڪيو جيڪو 12 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو، ريفرنس ۾ خورشيد شاھ  ۽ ٻيا نامزد جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا ،ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته  ملڪ جون حالتون انتھائي خراب ٿي چڪيون آھن ،عمران خان حڪومت سياسي انتقام وٺي رھي آھي

خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ مھگائي وڌي وئي آھي حڪومت عوامي مسئلن کي نظر انداز ڪري رھي آھي

رپورٽ- اختيار علي چنا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.