مٺي:  استادن ۾ ڪرونا پازيٽو اچڻ تي ڪيترائي اسڪول بند

تعليم کاتي ٿرپارڪر ضلعي جي 6 پرائمري اسڪولن جي استادن ۾ ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ سبب اسڪول بند ڪري ڇڏيا، عارضي استاد مقرر نه ٿيا، ٽي سئو کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي ، ڳوٺ ٻلهياري، يار محمد اوٺو، هربوسر، ٻنٺاريو، مير وقار ڪالوني ۽ چڀڙيال جي پرائمري اسڪولن جي استادن جي لمس مان ڪرايل ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي، استادن کي آئيسوليٽ ڪيو ويو، ڊي او پرائمري پريم ميگهواڙ جو چوڻ هو ته: استادن ۾ ڪرونا ٽيسٽون پازيٽو آيون آهن ان ڪري اسڪولن کي بند ڪيو آهي ۽ استادن کي آئيسوليٽ ڪيو آهي

رپورٽ- غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.