مٺي:ناري جي آپگهات ۾ ملوث جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

مٺي ۾ چيلهار پوليس ڳوٺ دلن جي تڙ واسڻ ناريءُ مومل ميگهواڙ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري ڪيس جي جوابدار آدم دل کي ٻيهر رمانڊ لاءُ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، چيلهار پوليس جي جاچ آفيسر سورن سنگه جاچ مڪمل نه ٿيڻ جو چئي عدالت کي وڌيڪ 10 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، عدالت جوابدار کي وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ بدران جوڊيشنل ڪسٽڊي ۾ ڏئي ڇڏيو ، ذريعن موجب مومل ميگهواڙ واقعي جي ڪيس ۾ پوليس جي عدم دلچسپي سبب جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي ٿي نه سگهي ،مومل ميگهواڙ هاءُ پروفائيل ڪيس جي جاچ سينئر پوليس آفيسر کي ڏيڻ بدران هڪ جونيئر اي ايس آءِ سورن سنگه حوالي ڪري فارملٽي پوري ڪئي ويئي آهي .

رپورٽ- غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.