اومان شام ۾ پنهنجي سفير جي بحاليءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

مسقط (ويب ڊيسڪ) اومان پنهنجي سفير کي جنگ سٽيل ملڪ شام لاءِ ٻيهر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ائين 2012 کان شامي تخت گاهه دشمق ۾ پنهنجو سفارتي مشن بند ڪندڙ نار رياستن ۾ اومان پهرين رياست آهي، جنهن پنهنجي سفير جي ٻيهر دمشق ۾ مقرري جو فيصلو ڪيو آهي.

2012 ۾ دمشق ۾ قائم نار سفارتي مشن جي آفيسن تي حملن کانپوءِ احتجاج طور سڀني نار ملڪن پنهنجا سفارتي مشن بند ڪري ڇڏيا هئا.

شامي پرڏيهي وزير اومان جي سفير ترڪ بن محمود البوسعيدي جي سند قبول ڪندي کيس ايندڙ مارچ کان شاهي فرمان سان گڏ اومان جي سفير طور دمشق ۾ سندس مقرري کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.