عمران خان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو پر اين آر او نه ڏيندو: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو پر اين آر او نه ڏيندو.

ڪيرج فيڪٽري اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ن ليگ منهنجي سوالن جا جواب اڃا تائين ناهن ڏنا، مريم نواز 10 مهينا ٽوئيٽر ان لاءِ استعمال نه ڪيو ته شايد کيس ٻاهر ڇڏيو وڃي.

هن چيو اپوزيشن جي خواهش هئي ته ايف اي ٽي ايف بل کان اڳ نيب قانون ختم ٿي وڃي، انهن ماڻهن ملڪ کي ايترو لُٽيو جو عمران خان کي مهانگائي ڪرڻي پئي، عمران خان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو پر اين آر او نه ڏيندو.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياست عروج تي آهي پر اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، عمران خان ايماندار ماڻهو آ، 5 سال پورا ڪندو، اپوزيشن وٽ عوامي طاقت ناهي.

شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم اندر کان متحد ناهي، انهن جو ڪير ساٿ نه پيو ڏئي، تنهن ڪري اهي جلسن جون تاريخون تبديل ڪري رهيا آهن، سج اوڀر بدران اولهه ڏانهن اڀري پر پ پ ڪڏهن استعيفيٰ نه ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.