شاهين آفريدي جو گهٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪرڻ جو رڪارڊ

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي گذريل 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 4 ڀيرا 5 وڪيٽون وٺي وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

ملتان اسٽيڊيم ۾ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ دوران سنڌ خلاف خيبر پختونخواهه جي نمائندگي ڪندڙ شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 بيٽسمينن کي پويلين موٽايو.

هن 4 اوورن ۾ رڳو 21 رنسون ڏئي خرم منظور، اعظم خان، انور علي، سهيل خان ۽ شرجيل خان جي اننگز جو خاتمو آندو، ائين نوجوان فاسٽ بالر گذريل 3 ميچن ۾ ٻيو ڀيرو 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري ورتيون.

شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ مجموعي طور 4 ڀيرا 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ۽ اهو اعزاز هن گهٽ ميچون کيڏي حاصل ڪيو آهي.

سريلنڪا جي لاسٿ ملنگا وٽ مختصر ترين فارميٽ ۾ 5 ڀيرا 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز ته آهي پر ان لاءِ هن 289 ميچون کيڏيون، جڏهن ته شاهين آفريدي رڳو 56 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪري چڪو آهي.

نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي گذريل 5 ميچن ۾ ٽيون ڀيرو اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.