گلشن اقبال ڪراچي: گم ٿيل ڀائرن جي گهر ۾ قرآن خواني، گهرڀاتي پريشان

ڀٽائي آباد مان 48 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل ٻه شاگرد ڀائر بشير شر ۽ غلام رسول شر اڃان آزاد نه ٿيا سندن آزاديء لاء گهر ۾ مسلسل قرآن خواني ڪئي پئي وڃي، نوجوانن جي جدائي ۾ پيرسن والده ۽ ڀينرون روئي روئي بي حال ٿي ويون ، پيرسن والده زيب النساء شر روئيندي ۽ قرآن پاڪ جو واسطو ڏيندي چيو ته سندس ٻئي پٽ بي گناهه آهن ۽ ڪڏهن به ڪنهن ناڪاري عمل ۾ ملوث ناهن رهيا

نوجوانن جي ڀيڻ مرڪ شر چيو ته سندس هڪ ڀاء ٽي بي جو مريض آهي جيڪو هرروز صبح جو دوا کائيندو هو هاڻ خبر ناهي ته هو ڪهڙي حال ۾ آهي اسان ڏکويل خاندان تي رحم ڪيو وڃي

ٻي ڀيڻ پرهه شر چيو ته سندس ڀائرن جو ڪنهن به ڏوهاري جماعت سان تعلق ڪونهي ان باوجود انهن جي گمشدگي انساني حقن توڙي ملڪي قانون جي خلاف ورزي آهي

پيرسن والد رزاق شر انصاف لاء دانهيندي چيو ته جيڪڏهن ڇوڪرن جو ڪو ڏوهه آهي ته آزاد ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

هن مطالبو ڪيو ته سندس بيڏوهي پٽن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.