وزيراعظم جو نواز شريف خلاف بغاوت جي ڪيس تي ڪاوڙ جو اظهار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ايف آءِ آر تي وزيراعظم عمران خان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري لکيو ته وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف داخل ايف آءِ آر کان لاعلم هو، جڏهن کيس خبر پئي ته نواز شريف ۽ ٻين کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي ته هن سخت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو.

سندس موجب بغاوت جا ڪيس ٺاهڻ اسان جي پاليسي ناهي، اهي نواز شريف جي دور جون ڳالهيون آهن، تحريڪ انصاف سياسي جماعت آهي، سياست جي شطرنج تي اڃا اسان جي چال باقي آهي، ن ليگ پنڌ هلندڙ بچائي شاهه ۽ وزير جي راند اڃا پري آهي، اڃا راند شروع ٿي آهي تڪڙ ڪهڙي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.