پ پ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي.

پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ تحريڪ انصاف جي صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪندي.

هن چيو مان سوال ڪيان ٿو ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ مودي جي والاريل ڪشمير ۾ قدمن ۾ نيٺ ڪهڙو فرق آهي؟

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي قدمن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ به مخالفت ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.